اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري واري وفاقي وزير ۽ ڊپٽي چيئرمين ??ين ايف آر سي سي احسن اقبال جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ خوراڪ، طبي وسيلن ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻيءَ جي موجوده صورتحال تي خيالن ج?? ڏي وٺ ٿي. ??ين ايف آر سي سي مطابق وفاقي يونٽن کي چيو ويو آهي ته هو ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي پرگهور واري عملي جي دستيابي ۽ عملي جو انگ وڌايو وڃي. وفاقي وزير ??ين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته هو ??ين فائيو جي بحاليءَ ??ي يقيني بڻائي ته جيئن سپلاءِ جا رستا کُليل رهن. هن سنڌ ۽ بلوچستان ج?? حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو پاڻيءَ هيٺ آيل علائقن ۾ پاڻيءَ جي نيڪاليءَ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪن. فورم کي ٻُڌايو ويو ته متاثر ضلعن ۾ خوراڪ ۽ ٻين شين ج?? تمام گهڻي ضرورت آهي، عورتن ۽ ٻارن کي خصوصي غذائي شيون ج??ڙوڪ کير، اناج، عورتن لاءِ اضافي خوراڪ جي اشد ضرورت آهي، جيئن ج??ئن ٿڌ جي موسم شروع ٿي رهي آهي ته هڪ وڏي آباديءَ کي پناهگاهن ۽ خيمن ج?? ضرورت آهي. فورم زور ڀريو ته حڪومتي وسيلن سان گڏوگڏ عوام ۽ فلاحي تنظيمن ج?? مدد ڪئي وڃي ته جيئن آسانيءَ سان رليف ڪيمپن تائين پهچي سگهجي ۽ مصيبت ۾ گهيريل پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن تائين عطيا پهچائي سگهن.
اين ايف آر سي سي اجلاس، ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ خوراڪ، طبي وسيلن ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻيءَ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا