اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف عوام کي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪن. وزير??عظ?? آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سرندي وارن ماڻهن، ادارن ۽ عوام کي ترڪيه جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزير??عظ?? چيو ته هن ”پي ايم فنڊ فار ترڪيه ارٿ ڪوئيڪ وڪٽمز“ قائم ڪري ??ڏي?? آهي، عوام ۽ سرندي وارا ماڻهو اڪائونٽ نمبر جي – 12166 ۾ فراخدلاڻي عطيا جمع ڪرائين. هن چيو ته ترڪيه جي ڀائر ملڪ ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سان قيامت صغريٰ جو منظر آهي، ترڪيه ۾ زلزلي سان هزارين ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. وزير??عظ?? چيو ته ترڪيه پاڪستان جي قومي مفادن جي تحفظ ۽ عوام کي درپيش مشڪلاتن ?? سدائين مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي آهي، ترڪيه 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي تباهي آڻ??ندڙ ٻوڏن ۾ مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام به ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪن، ترڪيه جي عوام جي مدد اسان جي ديني ذميواري آهي.
وزيراعظم پاران عوام کي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores