اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف اليونٿ ايونيو منصوبي جي پيڙهه رکي ڇڏيو. 7.2 ڪلوميٽر جو اهو منص??بو ٻن مرحلن ۾ 16 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿي ويندو. وز??راعظم وفاقي وز??رن راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب سان گڏ اليونٿ ايوينيو منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جا اڳوڻا ميمبر حنيف عباسي، ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وز??راعظم کي اليونٿ اوينيو منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌ??يو ويو ته ان منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 4.20 ڪلوميٽر رستو تعمير ڪيوويندو، ان ۾ ٻه انٽرچينج ۽ ٻه فلائي اوور شامل آهن. ٽن ڦاڪن واري رستي تي 9 ارب رپيا لاڳت ايندي. پهريون مرحلو هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي ۾ ٽي ڪلوميٽر ڊگهو رستو تعيمر ٿيندو جنهن ۾ ٻه انڊر پاس ۽ ٻه انٽرچينج شامل آهن. ٻئي مرحلي جي مڪمل ٿيڻ ۾ به هڪ سال لڳندو. اهڙي طرح اهو منص??بو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي تي 7 ارب رپيا لاڳت ايندي. ان منصوبي تي ريلوي ٽريفڪ جنڪشن ۽ آءِ جي پي روڊ تي انٽرچينج ۽ فلائي اوور تعمير ڪيا ويندا. اليونٿ ايوينيو تي خيابان اقبال، ابن سينا، سري نگر هاءِ وي تي انٽرچينج ۽ فلائي اوور تعمير ٿيندا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف اليونٿ ايونيو منصوبي جي پيڙهه رکي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ