اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ جي ??قر??ب ۽ انٽر ايڪٽو سيشن جو اهتمام ڪيو. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچ??، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه ۽ ڊائريڪٽر نيو?? شمائله عندليب ??قر??ب ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ??قر??ب ۾ اداري جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ??قر??ب کي خطاب ڪندي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عاصم کچ?? عورت ملازمن جي نمايان خدمتن کي ساراهيو جيڪي مختلف شعبن ۾ پرعزم انداز ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. عاصم کچ?? عورت عملي کي يقين ڏياريو ته هو انهن جي سمورن حقيقي مس??لن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ ان جي لاءِ پنهنجي لاڳاپيل شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول پيدا ڪندو. هن چيو ته عورتون ڪل آبادي جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن ۽ انهن جي فعال شموليت کانسواءِ ملڪ گهربل ترقي حاصل نه ٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊائريڪٽر نيو?? شمائله عندليب اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جا ٿورا مڃيا جنهن عورت عملي جي خدمتن جي اعتراف جي لاءِ ان ??قر??ب جو اهتمام ڪيو. هن چيو ته عورتون آفيسن ۾ پنهنجو حصو وجهڻ سان گڏوگڏ گهر جي ڪم ڪار کي سنڀالڻ ۾ پڻ ساراهه جون مس??حق آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي عورت عملي اي پي پي جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم ۽ ان ??قر??ب کي منعقد ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو. سندن چوڻ هو ته اهڙي طرح جا موقعا عورت عملي جي لاءِ وڌيڪ جوش ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ جي ترغيب جو ذريعو بڻجن ٿا. هنن چيو ته اي پي پي ۾ هي پهريون موقعو هو جو عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ جي ??قر??ب منعقد ڪئي وئي، اسان سڀني جي خواهش آهي ته هر سال ان موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو وڃي. ان کان اڳ اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچ?? ۽ ڊائريڪٽر نيوز عورت اسٽاف سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو ۽ مبارڪباد ڏني.
اي پي پي پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب ۽ انٽر ايڪٽو سيشن جو اهتمام
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز