اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ ٽيلنٽ کي راغب ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ جي لاءِ نوان قدم کنيا ويندا، باصلاحيت پيشيور ماڻهو ۽ فني ماهر اسان جي موجوده گورننس جي نظام ۾ جدت آڻي ان کي وڌيڪ موثر بڻائيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ نئين ٽيلنٽ جي فروغ ۽ وفاقي وزارتن جي صلاحيت وڌائڻ جي حوالي سان اهم اج??اس ٿيو. اج??اس ۾ وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان عالمي شهرت ??کندڙ ماهرن ۽ ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي حوالي سان تجويزن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح جو ٽيلنٽ پول جوڙڻ گهرجي ڇو ته هي اهڙو دور آهي جنهن ۾ ڪنهن به قوم جي ڪاميابي ۾ ٽيلنٽ ئي سڀ کان وڏو فرق پيدا ڪري ٿو. ان کانسواءِ وزيراعظم شهب??ز شريف حڪومتي پاليسي پروگرامن تي موثر عملدرآمد جي لاءِ اهل ۽ باصلاحيت ڪارڪنن جي تياري جي طريقن ۽ غيرجانبداري جي اصولن تي قائم ۽ ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ جي حوالي سان اهم اج??اس جي پڻ صدارت ڪئي. وزيراعظم چيو ته باصلاحيت ٽيلنٽ کي راغب ڪرڻ ۽ ان ک?? حاصل ڪرڻ تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ??هي جهڙي طرح اسان کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ان ک?? حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ??هي. ڪاروباري برادري اهڙين جاين تي سيڙپڪاري چاهي ٿي جتي ٽيلنٽ هجي، سياست ۽ پاليسيون مستحڪم هجن ۽ سسٽم ڪم ڪري. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٽيلنٽ جي ضرورت ??ي بهتر حصول ۾ مدد جي لاءِ وزارتن ۾ تازي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ ۽ واضح ڪرڻ جي لاءِ پاليسي جوڙڻ جي لاءِ ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ۽ ان کي پنهنجون تجويزون جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اج??اس ۾ پاليسي سازي جي سطح تي فن?? معاونت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي ضرورت ??ي زور ڏنو ويو جيڪو سول سروس ۾ نيون مهارتون تيار ڪرڻ، وڏن منصوبن جي انتظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ڊيجيٽل دور جي گهرجن موجب آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي. اج??اس جي شرڪت ڪندڙن ٻاهرئين ملڪ مان ماڻهن جي مقرري ۾ ٽائيم اسڪيل طريقيڪار جهڙين رڪاوٽن کي اجاگر ڪيو جنهن جي ڪري بهترين اميدوارن کي صحيح طريقي سان ڳولي نه ٿو سگهجي ۽ پگهارن جي ادائيگي جهڙن مسئلن سان بهترين ٽيلنٽ خاص طور تي اهڙا علائقا جتي هنرمند ماڻهن جي کوٽ هجي، ڳولا ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. اج??اس ۾ وفاقي وزير احد چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس احمد خان لغاري، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا.
پاڪستان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ ٽيلنٽ کي راغب ڪرڻ لاءِ نوان قدم کنيا ويندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha