اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته ملڪي معيشت استحڪام طرف گامزن آه??، مهانگائي ۾ آهستي آهستي گهٽتائي ٿي رهي آه?? جيڪا خوش آئنده آه??، آءِ ايم ايف پروگرام معيشت جي بحالي جي لاءِ لازمي آه??، ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان ماهرن جي مقرري هن ئي مهيني ٿي ويندي، پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت استحڪام طرف گامزن آه??. معاشي انگن اکرن ۾ بهتري ڏسڻ ۾ اچي رهي آه??. هن چيو ته مهانگائي آهستي آهستي گهٽتائي ٿي رهي آه?? جيڪا خوش آئنده آه??. سندس چوڻ هو ته غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آه??. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام معيشت جي بحالي لاءِ لازمي آه??. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان ماهرن جي مقرري هن ئي مهيني ٿي ويندي. هن چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري جي حوالي سان ٽائيم لائينز تي هر صورت ۾ عملدرآمد ٿيندو. هن چيو ته هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آه??. وزيراعظم داسو ۾ چيني انجنيئرز ۽ ماهرن سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويند??. ا??لاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي ڪابينا ناڻي واري ڊويزن پاران پيش ڪيل فسڪل پاليسي اسٽيٽ سال 23 – 2022ع، ڊيبلٽ پاليسي اسٽيٽمنٽ مالي سال 23 – 2022ع ۽ ايئر اينڊ گورنمينٽ پرفارمنس مانيٽرنگ رپورٽ ڪابينا کي پيش ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا مٿي ڄاڻايل اسٽيٽمنٽس/ رپورٽ کي مروجه قانونن تحت قومي اسيمبلي آڏو پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا پرڏيهي معاملن واري ڊويزن جي سفارش تي اڳوڻي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي کي سعودي ع??ب حڪومت ۽ ملائيشيا جي حڪومت پاران علي الترتيب ”ڪنگ عبدالعزيز ميڊل بيج آف ??نرر آف ??يڪسيلنٽ ڪلاس“ ۽ ”درجه جي پهلونان انگاٽن تينتره“ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا انساني حقن واري ڊويزن جي سفارش تي اسٽيٽس آف وومين بابت نيشنل ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي چائلڊ ويلفيئر اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪميشن، نيشنل چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر ۽ امپلي مينٽيشن آف نيشنل لائين آف ??يڪشن فار چلڊرن جيڪي انساني حقن واري وزارت جي ماتحت آفيسون آه?? کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن ادارن جا اهي سمورا ملازم جيڪي سول سرونٽس آه?? انهن کي پاڪستان جي سرپلس پول ۾ شامل ڪيو ويندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيشنل ڪميشن آن رائيٽس آف چائلڊ ايڪٽ 2017ع تحت نيشنل ڪميشن آن دي رائيٽس اف چائلڊ جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آه?? جنهن جي موجودگي ۾ هي ادارا غيرضروري ٿي چڪا آه?? ڇو ته انهن ادارن بابت سمورو ڪم ان ڪميشن جي حوالي ڪيو ويو آه??. حڪومت ڪفايت شعاري جي پاليسي کي نظر ۾ رکندي انهن ادارن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آه??.
ملڪي معيشت استحڪام طرف گامزن آهي، مهانگائي ۾ آهستي آهستي گهٽتائي ٿي رهي آهي جيڪا خوش آئنده آهي، آءِ ايم ايف پروگرام معيشت جي بحالي جي لاءِ لازمي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا