اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ مسافرن جي بي رحماڻي قتل جي شديد مذمت ڪندي دهشتگردن جي حملي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس ??و اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته بيگناهه انسانن جو ظالماڻو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، ??هشتگرد ملڪ ۽ قوم ۽ انسانيت جا دشمن آهن. هن چيو ته معصوم شهرين جي انسانيت سوز قتل ۾ ملوث دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻو پوندو. صدر دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عزم ۽ واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان تعزيت ??و اظهار ڪيو. هن مارجي ويلن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada