اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحا?? ڊار چي?? آهي ته بلوچستان پاڪستان جو اهم صوبو آهي، ماضي ۾ اسان دهشتگردي ختم ڪئي ۽ ملڪ کي معاشي طور تي طاقتور بڻايو، پاڪستا?? دنيا جي پهرين 20 معيشتن ۾ شمار ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو هو، اڃا به دير ناهي ٿي، سڀئي پارٽيون گڏجي ويهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي قائد ايوان سينيٽر اسحا?? ڊار چي?? ته هي ملڪ اسان سڀني جو آهي، اسان سڀني کي ئي ان کي بچائڻو ۽ مضبوط بڻائڻو پوندو، هاڻي ڳالهه ناراضي کان ت??ام گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي، اسان کي گڏجي ويهي مستقبل جي حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي. هن چي?? ته بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو ان ت?? هر پاڪستاني جي دل ڏکويل آهي، بلوچستان اسان سڀني جي دل جي تمام ويجهو آهي، اڄ وفاقي ڪابينا ۾ به ان ت?? تفصيلي ڳالهه ٿي، جلد وزيراعظم بلوچستان ويندو جڏهن ت?? گهرو وزير بلوچستان پهچي چڪو آهي، بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، رياست پاڪستان کي تسليم ڪندڙن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن چي?? ته جبلن ت?? چڙهي بيگناهه ماڻهن کي ماريندڙن جي شديد مذمت ڪريون ٿا، اسان کي هر صورت ۾ دهشتگردي کي ختم ڪري امن آڻڻو آهي، ماضي ۾ اي پي ايس کانپوءِ به سياسي پارٽين گڏجي ويهي دهشتگردي جي خاتمي جو پڪوپهه ڪيو هو. هن چي?? ته ماضي ۾ آپريشن ضرب عضب، آپريشن ردالفساد ڪاميابي سان ٿيا، اسان انهن آپريشنز جي لاءِ سئو ارب رپيا ساليانو فراهم ڪيا جيڪو صحيح قدم هو. هن چي?? ته ٻيهر ماضي جي دور ۾ ڀڄي ويل دهشتگردن کي واپس آندو ويو، اهو فيصلو تباهي آڻيندڙ هو جنهن جا نتيجا اڄ اسان جي سامهون آهن. هن چي?? ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ٺيڪ نه ٿيو، پوري قوم متحد آهي، دهشتگردن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو. هن چي?? ته جيڪي به اهڙن واقعن ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف رياست سخت کان سخت ڪارروائي ڪندي. هن چي?? ته جيڪي ماڻهو ناراض آهن انهن سان ڳالهه ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن جبلن ۾ لڪي ماڻهن ت?? حملا ڪن ت?? اهڙن ماڻهن سان ڪا ڳالهه نٿي ٿي سگهي. نائب وزيراعظم اسحا?? ڊار چي?? ته بلوچستان حڪومت وفاق سان مڪمل رابطي ۾ آهي، ڪجهه ماڻهن کي استعمال ڪري هڪ صوبي ۾ افراتفري ڦهلائي پئي وڃي. اسحا?? ڊار چي?? ته دهشتگردي ۽ معاشي مسئلن ت?? اسان کي سياست نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي ڳالهين بدران حل طرف وڃڻو پوندو، اچو ان مسئلي تي گڏجي سوچون، دشمن چاهي ٿو ته پاڪستان معاشي قوت نه بڻجي. نائب وزيراعظم اجلاس ۾ تجويز ڏيندي چي?? ته سينيٽ ميمبر هڪ ڏينهن مقرر ڪري وٺن، ان ڏينهن رڳو امن امان جي حوالي سان ئي ڳالهه ٿئي.
بلوچستان پاڪستان جو اهم صوبو آهي، ماضي ۾ اسان دهشتگردي ختم ڪئي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا