اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري و??اق?? وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته ??هي??ن جي قربانين جي ڪري ئي پاڪستان جو وجود آهي. اهڙن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي راولپنڊي ۾ شهيد حوالدار محمد منير عباسي ۽ سپاهي هارون وليم جي گهر سندن خاندانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ڪيو. ان موقعي تي واپار واري و??اق?? وزير چيو ته ??هي??ن پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪري ملڪ جو دفاع ڪيو. هن چيو ته قوم حوالدار محمد منير عباسي ۽ ٻين ??هي??ن جي جرئت کي سلام پيش ڪري ٿي جن پنهنجي قيمتن جانين جو نذرانو پيش ڪيو. ڄام ڪمال خان ??هي?? حوالدار محمد منير عباسي جي ٻارن کي سندن تعليم موجب سرڪاري نوڪري ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته حوالدار محمد منير عباسي ??هي?? جي ٻارن کي حڪومت گهر الاٽ ڪيو آهي ۽ جنهن سرڪاري ڪوارٽر ۾ هي پهرين رهندا هئا ان ۾ ئي کين رهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ته جيئن هو پنهنجي ڪوارٽر ويجهو آرمي پبلڪ اسڪول ۾ تعليم جاري رکي سگهن. حوالدار منير عباسي 6 آگسٽ 2015ع تي دريابي واري هنڌ تي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيو، سندس هڪ پُٽ ۽ 3 نياڻيون آهن جيڪي پنهنجي پڦين سان هڪ سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهن ٿيون.جڏهن ته سپاهي هارون وليم جي رهائشگاهه تي ??هي?? کي خراجِ تحسين پيش ڪندي و??اق?? وزير چيو ته اسان جيڪي پارليامينٽ ۾ وڏن وڏن عهدن تي ويٺل آهيون اسان جي ذميداري آهي ته اسان پنهنجي ??هي??ن جي قربانين جو احساس ڪريون ۽ سندن پونئيرن جي زندگين ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. سپاهي هارون وليم ويجهڙ ۾ ئي 21 جون تي ميران شاهه ۾ شهيد ٿي ويو جنهن جي هاڻ شادي ٿي هئي ۽ سندس عمر 29 سال هئي. و??اق?? وزير ??هي?? جي ڪٽنب سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ??هي?? جي وارثن کي هر قسم جي حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. ڄام ڪمال خان سپاهي هارون وليم جي والد ۽ ڀاءُ سان به ملاقات ڪئي.
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاران شهيد حوالدار محمد منير عباسي ۽ سپاهي هارون وليم کي خراجِ تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری