اسلام آ??اد _ 10 آڪٽوبر (اي پي پي )واپار واري وفاقي و??ير ڄام ڪمال چيو آهي ته پاڪستاني ڪمپنين جي صلاحيت وڌائي ??وا??گي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپار جي ڳاڻيٽي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستان سعودي ويزن 2030ع کي مڪمل ڪرڻ لاءِ افرادي سگهه ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ پاڪ – سعودي بزنس فورم 2024ع جي افتتاحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو . واپار واري وفاقي و??ير سعودي عرب کان آيل ڪاروباري ماڻهن، ڪمپنين ۽ ٻين سعودي اختيارين جو شڪريه ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل ثقافت ۽ قدر رکن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري شراڪت داري قائم آهي . ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان چانورن، گوشت ، چمڙي ، دالين ، ميون ۽ ٻي مصنوعات وڏي مقدار ۾ سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ڪندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت واپار واري وزارت ٻه طرفي واپار کي وڌائڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. واپار واري و??ير چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سعودي عرب کي خدمتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿو. ان کان علاوه فارماسيوٽيڪل ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبي مان پڻ سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو. ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان فيبروري 2025ع ۾ سعودي عرب ۾ سنگل ڪنٽري ايگزيبيشن منعقد ڪرڻ وارو آهي جنه?? ۾ ??عودي سيڙپڪارن ۽ عوام کي انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ، معدنيات ۽ ٻين شعب?? ۾ ??يڙپڪاري جو موقعو ملندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب واپار ۾ اضافي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.
پاڪستاني ڪمپنين جي صلاحيت وڌائي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي: وفاقي وزير ڄام ڪمال
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون