اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو ??هي ته پا??ستان جي معيشت مستحڪم ٿي آهي، هلندڙ مالي سال دوران مجموعي قومي پيداوار جي شرح 2.8 سيڪڙو ۽ ايندڙ مالي سال دوران 3.2 سيڪڙو ??ائين رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان ڪالهه خميس ڏي??هن پا??ستان ڊولپمينٽ اپ ڊيٽ ۽ سائوٿ ايشيا ڊولپمينٽ اپ ڊيٽ جي نالي سان جاري رپورٽون جاري ڪرڻ جي موقعي تي چئي وئي آهي. پا??ستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي چيف اڪنامسٽ فرانز اسڪاليز لوٽي خميس ڏي??هن رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي ميڊيا کي خصوصي بريفنگ ڏي??دي ٻڌايو ??ه پا??ستان معاشي بحران مان نڪري آيو ??هي. ڪلي معيشت مستحڪم ٿي آهي. هلندڙ مالي سال دوران پا??ستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ 2.8 سيڪڙو ۽ ايندڙ مالي سال دوران 3.2 سيڪڙو ??ضافي جو امڪان آهي. مجموعي قومي پيداوار جي شرح سان قرضن جو ڳاڻيٽو 73.8 سيڪڙو ۽ ايندڙ مالي سال دوران 74.7 سيڪڙو ??ائين رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ??هي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ خسارو هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي جي شرح سان مالي خسارو 7.6 سيڪڙو ??ائين رهندو جنهن جو بنيادي سبب وياج جي شرح ۾ وڌيڪ ادائيگي آهي تنهن هوندي به وياج جي شرح ۽ مانيٽري ۽ مالياتي پاليسين ۾ نرمي سبب ايندڙ مالي سال دوران مالي خسارو 7.1 سيڪڙو ??ائين ويندو. عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو ??ه پا??ستان جي معيشت جي استحڪام جو دارومدار عالمي مالياتي فنڊ جي توسيع فنڊ سهولت پروگرام تحت طئي ڪيل هدفن ۽ قدمن تي آهي. رپورٽ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو ??هي ۽ ٻڌايو ويو ??هي ته حڪومت ڊسڪوز جي بورڊ ۾ بهتري آڻي رهي آهي ۽ ان ۾ نجي شعبي کي شامل ڪيو پيو وڃي جنهن سان بجلي ۽ توانائي جي شعبي ۾ بهتري ايندي. رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال دوران زراعت جي شعبي ۾ 6.4 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي ۾ 2.2 سيڪڙو ??ضافي جو امڪان آهي. مهانگائي جي شرح گهٽ ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو ??هي، ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ويو ??ه پا??ستان کي وچولي مدي تائين 20 کان 22 ارب ڊالرن جي پرڏيهي فنانسنگ جي ضرورت هوندي.هن ٻڌايو ??ه پا??ستان ۾ ايڪسچينج ريٽ مارڪيٽ جي حرڪت تي ٻڌل آهي، عالمي بئنڪ بجلي ۽ توانائي جي شعبي ۾ پا??ستان سان ڳالهيون ڪري رهيو ??هي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ??ه غربت جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ روزگار ۾ اضافي لاءِ واڌ جي موجوده شرح گهٽ آهي. روزگار جا موقعا ضرورت موجب گهٽ آهن، پبلڪ فنانسنگ سان صورتحال ۾ بهتري اچي سگهي ٿي، رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال دوران ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ اقتصادي ترقي جي شرح 6.6 سيڪڙو ۽ ايندڙ مالي سال دوران 6.2 سيڪڙو ??ائين رهڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي آهي: عالمي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب