اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظمن تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي ??طمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ، پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۾ سي??ح?? جي صنعت ۽ نوجوانن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي ??ور ڏنو آهي جڏهن ته هوابازي ۽ اڏامن جي تعاون کي وسيع ڪرڻ جو فيصلو ۽ حلال مصنوعا?? جي پروسيسنگ ۾ تعاون وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪئي. ٻنهي وزيراعظمن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي ??طمينان جو اظهار ڪيو ۽ باقاعده اعليٰ سطح مٽاسٽا، اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ۽ ٻطرفي اداراجاتي ??ڪمت عملي ??ي مضبوط بڻائڻ تي ??ور ڏنو. 8 نومبر 2007ع تي ڪوالالمپور ۾ صحيحون ڪيل ملائيشيا – پاڪستان جامع اقتصا??ي حصيداري جي معاهدي جي توثيق ڪندي ٻنهي ڌرين ٻطرفي اقتصادي تعاون ??ي مضبوط بڻائڻ، واپار وڌائڻ، اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ ۽ واپاري عدم توازن کي ختم ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو. ان ڏس ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفي اقتصا??ي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ جائزي جي لاءِ جلد جامع اقتصا??ي حصيداري جي معاهدي جي گڏيل جائزه ڪميٽي جو اجلاس جلد گهرائڻ تي ??تفاق ڪيو. ٻنهي طرفن حلال مصنوعا?? جي پروسيسنگ ۾ تعاون وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو. پاڪستان پاران حلال مصنوعا?? جي گهرج کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ملائيشيا کي حلال گوش?? جي برآمد وڌائڻ جي آڇ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان مان ملائيشيا کي حلال گوش?? جي برآمد کي ساليانو 200 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي تجويز ڏني. ٻنهي ڌرين پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ پهرين آگسٽ 1997ع تي ??حيحون ڪيل دفاعي تعاون جي مفاهمت نامي جي حوالي سان ٻطرفي دفاعي مٽاسٽا جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو ۽ نومبر 2023ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ 14هين دفاعي تعاون بابت گڏيل ڪميٽي (جي سي ڊي سي) ۾ ڪيل فيصلن کي ساراهيو. وزيراعظم شهباز شريف آئيڊياز 2024ع ۾ شرڪ?? جي لاءِ ملائيشيا جي اعليٰ سطح جو وفد موڪلڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين اعليٰ تعليم ۽ فني ۽ پيشيواراڻي تربي?? جي ادارن جي وچ ۾ تعليمي رابطن ۽ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي ??تفاق ڪيو. هن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ، پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۾ سي??ح?? جي صنعت ۽ نوجوانن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي ??ور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سي??حت ۾ اضافي جي آجيان ڪئي. ان کانسواءِ هوابازي ۽ اڏامن جي تعاون کي وسيع ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ڌرين ٻطرفي ڪاروبار کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. ڌرين فلسطين ۽ وچ اوڀر جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بعد ۾ ٻنهي وزيراعظمن مفاهم?? جي يادداشتن (ايم او يوز) ۽ تعاون جي هڪ دستاويز جي مٽاسٽا واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) ۽ ملائيشيا ايڪسٽرنل ٽريڊ ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن جي وچ ۾ واپاري تعاون تي مفاهم?? جي يادداشت ۽ پاڪستان – ملائيشيا بزنس ڪائونسل (پي ايم بي سي) ۽ ملائيشيا – پاڪستن بزنس ڪائونسل (ايم پي بي سي) جي وچ ۾ حلال واپار ۾ تعاون جي لاءِ ايم او يو جي مٽاسٽا ڪئي وئي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي آي) ملائيشين ڪميونيڪشن اينڊ ملٽي ميڊيا ڪميشن (ايم سي ايم سي) جي وچ ۾ تعاون جي هڪ دستاويز تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.
پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظمن پاران تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی