اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري محفوظ، پائيدار ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ نظام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آه?? ته پ??ڪستان پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندو، جنهن سان امن ۽ خوشحالي جي دور جي شروعات ٿيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بيجنگ ۾ ٿيندڙ عالمي پائيدار ٽرانسپورٽ فورم 2024ع کي وڊيو خطاب ڪندي ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن جي فروغ ۾ چين جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پ??ڪستان پائيدار ترقي کي فروغ ڏي ۽ عالمي ۽ علائقائي اقتصادي خوشحالي ۾ چين جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين جي قومي ترقي جي منصوبن کي به ساراهيو. صدر حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي فورم کي آگاهه ڪيو ته پ??ڪستان عورتن جي لاءِ خصوصي پنڪ بسون متعارف ??را??ون آه?? ته جيئن پبلڪ ٽرانسپورٽ جو محفوظ، آرامده ۽ پهچ جوڳو طريقو فراهم ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عوام جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ موثر، ماحول دوست ٽرانسپورٽ جي لاءِ پائيدار انفراسٽرڪچر جي ضرورت آه??. هن چيو ته پ??ڪستان ۾ ڳوٺاڻي علائقن جي روڊن تائين پهچ 92 سيڪڙو تائين پهچي وئي آه??، جيڪا نمايان بهتري آه??. ڳوٺاڻي علائقن جي پهچ ۾ اضافو پائيدار ترقي جي فروغ ۽ ڳوٺاڻي آبادي کي بنيادي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو. صدر چيو ته پ??ڪستان جي بنيادي ڍانچي جي پائيدار سارسنڀال ۽ موسمياتي تبديلي ج??ڙا چئلينجز درپيش آه??. گذريل 5 سالن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏن، شديد برساتن سميت موسمي حالتن پاڪستان جي ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهچايو آه??. صدر آصف علي زرداري چيو ته پ??ڪستان ميمبر ملڪن جي ٽرانسپورٽ انتظاميا جي وچ ۾ پائيدار ٽرانسپورٽ تعاون جو حمايتي آه??.
صدر پاران محفوظ، پائيدار ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ نظام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ