اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آل پاڪستان ني??ز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) کي نيشنل ني??ز پيپر ريڊرشپ ڊي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيق??ن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ني??ز پيپر ريڊر شپ ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اخبارون سياسي شعور وڌائڻ ۽ شهرين کي انه?? جي حقن ۽ ذميوارين کان آگاهه ڪرڻ کانسواءِ خبرون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اخبارون م??اشري ۾ اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اخبار?? جي ذريعي ماڻهن ۾ سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن ۾ برداشت، رواداري، بين المذاهب هم آهنگي، ح?? الوطني، شهري ذميواري ۽ انساني حق?? جي احترام کي پڻ فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته اڄ جي تيز رفتار ڊيجيٽل دور ۾ جتي غلط معلومات ۽ جعلي خبرون تيزي سان وائرل ٿي سگهن ٿيون، اتي اخبارن جو ڪردار اڃان به اهم ٿي ويو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اخبارن کي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي جعلي خبر?? جي حوصلا شڪني جي لاءِ صحيح ۽ چڱي طرح سان تحقيق ٿيل خبرون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيق??ن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته هڪ ذميوار پريس خبر?? جي رپورٽنگ ۾ درستگي، انصاف پسندي ۽ تواز?? جي اعليٰ ترين م??يار کي برقرار رکي ٿي، هڪ ذميوار پريس نه رڳو پيڙهيل آوازن کي ٻڌڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي پر اهم مسئلن تي ڌري?? جي وچ ۾ صحتمند بحث پڻ پيدا ڪري ٿي، ا?? جي لاءِ ضروري آهي ته پريس کي اهم مسئلن تي ماڻه?? جي رهنمائي ۽ آگاهي جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته ان ڏينهن اسان کي هڪ آزاد ۽ ذميوار پريس جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ گهرجي جيڪا جمهوري نظام جي ڪاميابي سان گڏوگڏ قومي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي عوامي راءِ جوڙڻ جي لاءِ راهه هموار ڪري سگهي.
اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو