اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪ?? جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23هين اجلاس جي ميزباني ڪندو جيڪو ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز ادارو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي موجوده چيئر جي حيثيت سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سي ايڇ جي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن چيو ته اسان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن، مبصر رياست منگوليا، ترڪمانستان بطور خصوصي مهمان ۽ عالمي تنظيم?? جي نمائندن بشمول ايشيا ۾ انٽر ايڪشن ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا)، آزاد رياست?? جي دولت مشترڪه (سي آءِ ايس) ۽ يورپي اڪانومڪ ڪميونٽي (اي اي سي) جي ميمبرن سان اعليٰ سطحي شرڪت جي اميد رکون ٿا. ترجم??ن چيو ته ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابط?? جي شعبن ۾ تعاون تي خيال?? جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي تعاون تنظيم جي قيادت ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوري جي لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندي. هن چيو ته پاڪستان 2017ع ۾ ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ سٺي پاڙيسري لاڳاپن ۽ گڏيل لاڀائتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مستقل ۽ تعميري ڪم ڪيو آهي. ترجم??ن چيو ته پاڪستان پار??ن ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي ميزباني شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ ”شنگهائي جذبي“ جي قدر?? جي لاءِ پاڪستا?? جي مستقل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.
پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي ميزباني ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس