اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بن??ن جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي خوارجي ده??تگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي بهادر پٽن پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي ده??تگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهر?? وزير شهادت ماڻيندڙ 12 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهر?? وزير چيو ته وطن جي امن خاطر جانيون نڇاور ڪندڙ پاڪ فوج جا جوان قوم جا ه??رو آهن. سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپوتن جون عظيم قربانيون قيامت تائين ياد رکيون وينديون. قوم شهيدن جي سدائين قرضي رهندي. هن چيو ته ده??تگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي بي مثال قربانين جو ڪو به مثال نٿو ملي. شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ هميشه ساٿ نڀائينداسين.
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea