اسلام ??باد-03 ڊسمبر (اي پي پي) بچاءُ ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي ??زير خواجه محمد آصف سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي ??زير معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي جاگرافيائي سياسي صورتحال تي گ??يل افهام ۽ تفهيم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي ??زير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل عقيدي، ثقافت، قدرن، تهذيب ۽ تاريخي رابطن، گڏيل اعتماد ۽ حمايت تي ٻَڌل مثالي ڀائراڻه ناتا آهن. هن ڪيترن ئي فورمن تي پاڪستان لاءِ ترڪيه جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. وفاقي ??زير چيو ته وڌندڙ دفاعي تعاون اسان جي ٻه طرفن ناتن جو هڪ اهم پهلو آهي جنهن جي خاصيت گڏيل منصوبي، گڏيل مشق ۽ فوجي تربيت آهي. ٻنهي ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ناتن ۽ گڏيل فائديمند شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو عزم ڪيو.
بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ترڪيه جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال