اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين کي وزارت جي مجموعي ڪارڪردگي، ڪم جي طريقيڪار ۽ خبرن جي شعبي جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي ۽ پاليسي بابت آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري نئين منصوب?? تي به ڊپٽي چيئرمين کي بريفنگ ڏني. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين بلوچستان جي نوجوان طبقي جي لاءِ بهترين معلوماتي پروگرام ۽ تخليقي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم جوڙڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ پا??ستان ٽيليويز?? تي سڌوسنئون نشر ٿيندڙ سينيٽ جي اجلاس جي ڪارروائي پڻ غور هيٺ آئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان پا??ستان ٽيليويزن جي ايوان جي ڪوريج جي حوالي سان ڪوششن کي ساراهيو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو ته پا??ستان ٽيليويزن اسان جو قومي اثاثو آهي ۽ ان جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. پا??ستان ٽيليويزن هر دور ۾ عوام تائين خبر پهچائڻ جي ذميواري بهتر طريقي سان ادا ڪئي آهي. هن چيو ته آفت سٽيل علائقن جا ماڻهو جن مسئلن جو شڪار آهن انهن جي لاءِ پي ٽي وي جي ماهرن جي مدد سان اهڙا پروگرام جوڙي جنهن سان آگاهي پکڙجي ۽ ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ ۾ آساني ٿئي. هن چيو ته پي ٽي وي جو نيٽ ورڪ پا??ستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڦهليل آهي، پي ٽي وي جي ڪري آفت سٽيل علائقن تائين نشرياتي رابطن جي ذريعي پهچ انتهائي آ??ان آهي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ملڪ جي ثقافت ۽ علائقائي قدرن کي اجاگر ڪرڻ ۽ آگاهي ۾ پي ٽي وي جو تاريخي طور تي تمام وڏو ڪردار رهيو آهي. اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي انهن قدرن ۽ روايتن سان ڳنڍڻو آهي.
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات