بيجنگ -24 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي، ته چين فلسطين م??ئلي جي حل جي جائز ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. چين جي پرڏيهي کاتي مطابق چين جي پرڏيهي وزير ملائيشيا جي پرڏيهي وزير ايمبري عبدالقاد?? سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جاري تڪرار تي غور ويچار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرائيل فلسطين تڪرار جي سمورين ڌرين ک?? مستقل امن لاءِ عالمي اتفاق راءِ کي هٿي وٺائڻ گهرجي ۽ چيو ته هو فلسطين م??ئلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪن ٿا. وانگ يي چيو ته چين اهڙي ڪنهن به حملي خلاف اهي جنهن سان م??صوم شهرين ک?? نقصان پهچي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿئي، اسان هميشه امن، عالمي قانون ۽ فلسطين م??سلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جائز مطلبن سان گڏ بيٺا آهيون. چين جي پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هو غزه پٽي جي صورتحال تي ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان ۽ نار سهڪار ڪائونسل جي گڏيل بيان جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته جڏهن جنگ ۽ امن جي ڳالهه ايندي آهي ته سمورين ڌرين تي جاگرافيائي ۽ سياسي خدشن ک?? هڪ طرف رکڻ گهرجي. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان جنگ بندي، جنگ جي خاتمي، شهرين جي تحفظ، ڳالهين ۽ امن ڳالهين ک?? هٿي وٺائڻ لاءِ چين جي ڪوششن جي واکاڻ ڪيون ٿا ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريون ٿا ته هو ٻه رياستي حل ۽ وچ اوڀر ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ تي متفق آهن. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته اميد ٿا ڪيون ته چين ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ته تڪراري ڌريون جلد کان جلد ڳالهين جي ميز تي واپس اچن.
فلسطين مسئلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪيون ٿا: چين جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔