تهران- 29 جنوري (اي پي پي) ايران هڪ ڏينهن ۾ هڪ ئي وقت 03 مصنوعي سياره خلا ۾ اماڻي ڇڏيا آهن. العر??يه نيوز ايران جي سرڪ??ري ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته 03 سياره ايران جي دفاع و??ري وزارت جي تيار ڪيل سي مرگ نالي سيٽلائيٽ ڪيريئر ريڪيٽ ذريعي خلا ۾ اماڻيا آهن. انهن ٽنهي سيارن مان هڪ جو وزن 32 ڪل??گرام آهي جڏهن ته باقي ٻن سيارن جو وزن 10-10 ڪل?? کان گهٽ ٻڌايو پيو وڃي. انهن سيارن مان هر هڪ کي 450 ڪل??ميٽرن جي مفاصلي تائين اماڻيو ويو آهي جڏهن ته انهن سان لڳايل 02 ننڍڙيون ڊوائيسز جيو پوزيشننگ ۽ مواصلاتي رسائي جو ڪم ڪنديون. ايران انهن سيارن مان سڀ کان وڏي سي??ري جو نالو مهدا ڏنو آهي. جيڪو خلا ۾ وڏي مقدار ۾ ڪارگو کڻي وڃڻ لاءِ سي مرگ راڪيٽ جي اهليت جو جائزو وٺڻ ۾ مدد ڪندو.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ