گڏيل قومون-19 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني سرزمين تان اسرائيل جي غير قانوني قبضي کي ختم ڪرڻ واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آ??ي. ٺهراءَ جي حق ۾ 124 ووٽ ??ليا، 43 ملڪن راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو جڏهن ته اسرائيل، آمريڪا ۽ 12 ٻين ملڪن ٺهراءَ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنا، جنرل اسيمبلي ۾ اهو ٺهراءَ فلسطين، پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ ڏکڻ آفريقا سميت ڪيترن ئي ملڪن طرفان پيش ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسرائيل کان 12 مهينن اندر والاريل فلسطيني علائقي ۾ پنهنجي غير قانوني موجودگي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آ??ي. ٺهراءَ ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو آ??ي ته والاريل فلسطيني علائقن ۾ غير قانوني يهودي وسندين ۾ پيدا ٿيل مصنوعات جي امپورٽ کي روڪڻ سان گڏوگڏ اسرائيل کي هٿيار، ڌماڪيدار مادو ۽ ٻئي لاڳاپيل سامان جي فراهمي يا منتقلي کي روڪڻ لاءِ پڻ قدم کنيا وڃن. ڄاڻايل ٺهراءُ فلسطين پاران اضافي حق ۽ مراعتون حاصل ڪرڻ کانپوءِ باضابطه ??ور تي پيش ڪيل پهريون ٺهراءُ آهي، ٺهراءَ تي راءِ شماري والاريل اوڀر بيت المقدس ۽ باقي والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل قدمن تي غور لاءِ گهرايل جنرل اسيمبلي جي 10 هين هنگامي اجلاس ۾ ٿي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران فلسطين جي سرزمين تان اسرائيل جي غير قانوني قبضي کي ختم ڪرڻ واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں