ماسڪو-29 نومبر (اي پي پي) روس ??ي صدر ??لا??يمير پيوٽن چيو آھي ته آمريڪا جو نئون چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ھڪ تجربيڪار ۽ ذھين سياستدان آھي ۽ ھو مسئلن جو حل ڳولڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ??لا??يمير پيوٽن چيو آھي ته روس ??مريڪا سان ڳالھين لاءِ تيار آھي. روس ??ي صدر چيو ته مون کي يقين آھي ته جوبائ??ڊن جي انتظاميا روس ??ان لاڳاپن ۾ ٽرمپ لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھ?? آھي. روس ??ي صدر آستانه جي پنھنجي سرڪاري دوري جي ٻئي ڏينھن اجتماعي سلامتي جي معاھدي جي تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جتي ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته گذريل ڏينھن روس پاران يوڪرين تي ٿيل وڏو حملو آمريڪا جي حملن جي جواب ۾ ھو. ھن يوڪرين جي گادي واري شھر ڪيف ۾ فوجي مرڪزن تي ۽ شينڪ ھائپرسونڪ ميزائل سان حملو ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني. اجلاس ۾ شرڪت دوران روس ??ي صدر چيو ته اھڙن ملڪن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رھ??و آھي جيڪي ھڪ محفوظ، گھڻ قطبي عالمي نظام جي تعمير جي حمايت ڪن ٿا.
آمريڪا جو نئون چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ذھين سياستدان آهي، مسئلن جو حل ڳولڻ جي صلاحيت رکي ٿو: روس جو صدر
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری