واشنگٽن-13 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا يوڪرين ل??ءِ وڌيڪ 50 ڪروڙ ڊالر جي فوجي امدادي جي نئين پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏيه?? وزير انٽوني بلنڪن ان حوالي سان هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا يوڪرين کي فوري طور تي گهربل هٿيارن ۽ اوزارن جو هڪ ٻيو اهم پيڪيج فراهم ڪري رهيو آ??ي جنهن ۾ ٻين اوزارن سان گڏو گڏ همارس راڪيٽ لانچرز، آرٽلري گوله بارود، ڊرونز، بڪتربند گاڏيون ۽ ڪيميائي، حياتياتي، ريڊيولاجي??ل ۽ ايٽمي حملن کان حفاظت لاءِ گوله بارود شامل آهي. اها امداد هڪ مهينو اڳ آمريڪا طرفان يوڪرين ل??ءِ اعلانيل 988 ملين ڊالر جي فوجي امداد ۽ 725 ملين ڊالر جي هڪ ٻئي فوجي امداد جي پيڪيج کان علاوه آهي. واضح ر??ي ته موجوده آمريڪي انتظاميا ايندڙ مهيني صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف کڻڻ کان اڳ يوڪرين کي وڌ کان وڌ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج