اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابط?? ڪميٽي (اي سي سي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي ملڪيت روز ويلٽ هوٽل ڏانهن 105 ملين ڊالر قرضن ۽ رهتن جي ادائگي جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيويارڪ جي علائقي مين هٽن ۾ موجود هوٽل جي قرض جي شيڊيول موجب ادائگي ۽ ري فنانسنگ جو طريقيڪار طئي ڪرڻ جي لاءِ ناڻي واري وزارت کي قانون واري وزارت، ايوي ايشن ڊويزن ۽ منصوبابندي ڪميشن سان مشاورت ڪرڻ ۽ ان جي منظوري جي لاءِ اي سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ سازگار مارڪيٽ جي صورتحال جي بنياد تي ايشيائ?? ت??قياتي بئنڪ کي آف شور پاڪستان رپيا لنڪڊ بانڊز جاري ڪرڻ ۽ ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم ۾ لاڳاپيل طريقيڪار تي پورو لهندڙ سمورن پاڪستاني شهرين کي شامل ڪرڻ جي ڏس ۾ پروگرام جي اهم شرطن تي نظرثاني جي منظوري پڻ ڏني وئي، اجلاس ۾ 2013ع کان التوا هيٺ پيل 5 ڪروڙ رپين تائين جا انڪم ٽيڪس ري فنڊ جي ادائگي لاءِ 40 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي. اقتصادي رابط?? ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستان انٽرنيشنلايئرلائينز جي نيويارڪ جي علائقي مين هٽن ۾ ملڪيتي روز ويلٽ هوٽل پاران 105 ملين ڊالر قرض جي حوالي سان سموري رهتن ۽ ذميوارين جي ادائيگي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي روز ويلٽ هوٽل جي مالياتي مسئلن جي حل لاءِ هوٽل پاران مليل قرضن جي شيڊيول موجب ادائيگي يا ري فنانسنگ جي ڏس ۾ ناڻي واري وزارت کي قانون واري وزارت، ايوي ايشن ڊويزن ۽ منصوبابندي ڪميشن سانمشاورت سان طريقيڪار طئي ڪرڻ ۽ ان کي منظوري جي لاءِ اي سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پائيدار ترقياتي ه??ف حاصل ڪرڻ پروگرام (ايس اي پي) تحت ليپس ٿيل 8.01 ارب رپين جي فنڊن کي فني گرانٽس ذريعي لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي لاءِ ٻيهر مختص ڪرڻ جي ڏس ۾ ڪابينا ڊويزن ج?? ت??ويز جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ زندهه جانورن ۽ انهن جي گوشت جي مصنوعات جي عالمي واپار کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ ان حوالي سان واپار کي عالمي قاعدن ۽ طريقيڪار کي لاڳو ڪرڻ جي ڏس ۾ درآمدي پاليسي آرڊر 2016ع جو جائزو ورتو ۽ ان ۾ ترميمن جي منظوري ڏني.
ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria