اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم م??مد علي جناح جي ويزن موجب روشن، پرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان ئي ??سان جو مقصد آهي. قائداعظم م??مد علي جناح جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته باباءِ قوم جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ خودمختيار رياست بڻجي اڀريو جنهن تي قوم قائداعظم م??مد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته قائداعظم م??مد علي جناح جي تعليم ۽ ان جي فرمانن جي اهميت موجوده دور جي مسئلن کي آڏو رکندي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وئي ??هي. باباءِ قوم جي دور انديشي ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪ??ا هئا ته جيئن سمورن مسئلن جو گڏجي مقابلو ڪري سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ اسان جي مسئلن جو وڏو سبب ان تعليم کان دوري آهي، اسان کي پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري سوچ کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشاءَ الله پاڪستان تحريڪ ??نص??ف جي حڪومت باباءِ قوم جي ترقي پسند ۽ جمهوري پاڪستان جي خواب جي تعبير ڪندي.
باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب روشن، پرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان ئي اسان جو مقصد آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا