اسلام ??باد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان نسل کي اسلامي تاريخ جي باري ۾ آ??اه?? فراهم ڪرڻ جي لاءِ جديد ميڊيا جي ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو ۽ روايتي موضوعن کان هٽي ڪري تاريخي ڪهاڻين تي ٻڌل ڊراما ۽ فلمون ٺاهڻيون پونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلمسار شهزاد نواز، ترڪ پروڊيوسر ايمري ڪونڪ، سيد جنيد علي شاهه ۽ ڊاڪٽر ڪاشف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به موجود هو. وزيراعظم چيو ته صلاح الدين ايوبي تاريخ جو اهڙو ڪردار آهي جنهن جي اولهه ۾ به مثال ڏيندا آهن، هن بيت ال??قدس جي تاريخي فتح کانپوءِ عام معافي جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته صلاح الدين ايوبي جي زندگي تي سيريز نوجوانن کي ان تاريخي ڪردار بابت آ??اه?? ڏيندي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گڏيل منصوبي صلاح الدين سيريز تي تفصيلن کان آ??اه?? ڪيو ويو. سيريز تي منصوبابندي مڪمل آهي جڏهن ته ان جي شوٽنگ جو آغاز ايندڙ سال اپريل ۾ ڪيو ويندو.
نوجوان نسل کي اسلامي تاريخ جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ جديد ميڊيا جي ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز