لاهور – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي. هو هتي ايمرجنسي سروسز اڪ??ڊم?? لاهور ۾ انٽرنيشنل والنٽيئرز ڊي جي موقعي تي ايوار??ز ورهائڻ واري تقريب ۾ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. فرخ حبيب چيو ته پولي?? واقعي جي ٻن مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ ان سلسلي ۾ 110 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ناموس رسالت ﷺ جو ڪيس وڙهي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام قانون کي هٿ ۾ نه کڻي ۽ رياست جي رٽ کي تسليم ڪري. هن ماڻهن جي ذهنيت کي بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هڪ ??ئي سوال تي هن چيو ته واقعي جي حوالي سان ٺوس انڪوائري ڪئي پئي وڃي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين ان جو تعلق آهي موجوده حڪومت عوام جي وسيع تر مفاد ۾ ڳالهه ٻولهه جو آپشن چونڊيو.
سيالڪوٽ واقعي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ