اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين ينگ پارليامينٽرين فو??م جي چونڊن ۾ ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر مخدوم زين قريشي کي بنا مق??بلي صدر، ڪنول شوذب (جنرل سيڪريٽري)، تاشفين صفدر (ميڊيا ڪوآرڊينيٽر)، رومينه خورشيد عالم (نائب صدر)، سيد مرتضيٰ محمود، (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ سيده نوشين افتخار کي ناڻي واري سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري فواقي وزير چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نوجوانن جي شموليت وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار س??اجي ترقي لاءِ نوجوان قانونسازن جو ڪردار اڻٽر آهي، هن چيو ته ينگ پارليامينٽرين فورم نوجوان پارليامينٽرينز جي تربيت ۽ صلاحيتون پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم آهي، اميد آهي ته ينگ پارليامينٽرينز فو??م جا نوان چونڊيل عهديدار ان ڏس ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندا، واضح رهي ته ينگ پارليامينٽرينز فو??م جو پيٽرن ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم خان سوري آهي، ينگ پارليامينٽرين فو??م جون چونڊون سندس نگراني ۾ منعقد ٿيون.
چوڌري فواد حسين پاران ينگ پارليامينٽرين فورم جي نون چونڊيل عهديدارن کي مُبارڪُون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر