اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي آهي ته رانا ثناءُ الله ٻڌ??ئي ته ن ليگ کي 3 ڪروڙ روپيا ڏيندڙ ڀون داس ڪير آهي؟ عوام 2018ع جي اليڪشن ۾ اسان کي مينڊيٽ ڏنو آهي، پنهنجو مدو پورو ڪنداسين، ن ليگ وٽ ڪيتر??ئي هيرو آهن، ڪو ايفيڊرين اسمگلنگ ڪندو آهي، ڪو منشيات اسمگلنگ ۾ سڳ سوڌو پڪڙيو ويندو آهي. ليگي اڳواڻ ثناءُ الله جي پريس ڪانفر??س تي پنهنجي رد عمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ??ي آءِ واحد پار??ي آهي جنهن اليڪشنڪ ميشن کي 40 هزار ڊونرز جو مڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو، ن ليگي سهولتڪار اڪبر ايس بابر جي فارن فنڊنگ ڪيس کي اسڪروٽني ڪميٽي ردي جي ٽوڪري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ن ليگ ۾ ٻه گروپس کلي سامهون اچي چڪا آهن، هڪ ڏينهن شهباز شريف ۽ ٻي ڏينهن مريم گروپ ميڊيا تي اچي پنهنجو روئڻو روئندو آهي، انهن ماڻهن جي منهن مان ادارن جي حدن جي ڳالهه ن??ي سونهي، جيڪي ادارن تي حملا آور ٿيندا رهيا آهن، هن چيو ته ن ليگ جي پارٽي اڪائونٽس ۾ شڪي ٽرانزيڪيشنز ثابت ٿي چڪي آهي، ن ليگ وٽ 62 ڪروڙ جو ڪو به حساب نه آهي، ن ليگ جا 9 ڳجها بئنڪ اڪائونٽس سامهون اچي چڪا آهن، پي ??ي آءِ اها پهرين سياسي پار??ي آهي جنهن پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ جي روايت متعارف ڪر??ئي آهي. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته ن??از شريف پڪنڪ تي ناهي جيڪو مرضي سان اچي، عدالتي ڀڳوڙو آهي، عدالت سان ڪوڙ ڳاله??ئي لنڊن ۾ نواز شريف عياشي ڪري رهيو آهي، رانا ثناءُ الله ن??ڪري پڪي ڪرڻ لاءِ مريم پرويز رشيد آڊيو ليڪ تي به نڪ جي پڪ??ئي سان دفاع ڪري رهيو آهي. ان کي شرم به محسوس نٿو ٿئي.
رانا ثناءُ الله ٻڌائي ته ن ليگ کي 3 ڪروڙ روپيا ڏيندڙ ڀون داس ڪير آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج