اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ۽ ڀارت جو غيرذميواراڻو رويو علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، يوڪرين جي تڪرار جو حل پائيدار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ضروري آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي ??اءِ پاڪستان آيل چين جي ??رڏيهي وزير ۽ اسٽيٽ قونصلر وانگ زي وزيراعظم عمران خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان وانگ زي جي ??اڪستان ۾ آجيان ڪندي گذريل ڏينهن چائنا ايسٽرن فلائٽ جي حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي دلي همدردي جو اظهار ڪيو. چيني پرڏيهي وزير چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پاران وزيراعظم جي ??رخلوص خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ چين پاڪستان جي ??چ ۾ هر موسم ۾ تعاون ۽ حصيداري جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ۽ چيني پرڏيهي وزير پاڪ چين بطرفن لاڳاپن جي ??وجوده رفتار ۽ بدلجندڙ ??لائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم بيجنگ سرمائي اولمپڪس افتتاحي ??قر??ب جي ??اءِ پنهنجي تازي چين جي دوري ۽ چيني قيادت سان پنهنجي ??لاقاتن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو صنعتي ترقي، زراعت ۽ آءِ ٽي جهڙن شعبن ۾ تعاون سان گڏوگڏ اقتصادي ترقي جي ??اءِ پاڪستان جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. هن چيني سيڙپڪارن جي ??اڪستان ۾ پرڪشش موقعن مان فائدو کڻڻ جي ??ڻ آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان جي ??ائيدار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ان جي غيرذميواراڻي رويي کان آگاهه ڪيو جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. وزيراعظم ڀارت پاران پاڪستان جي حدن ۾ ميزائل جي ??ام نهاد حادثاتي فائر بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان پاران ان جي گڏيل جاچ جي ??طالبي تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته ٻي??ر ائين نه ٿئي. هن افغانستان ۾ امن ۽ افغانستان کي فروغ ڏيڻ ۽ اتي انساني بحران کي روڪڻ جي ??اءِ ويجها لاڳاپا جاري رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
يوڪرين جي تڪرار جو حل پائيدار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گرم گرم