اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) وفاقي وزير اسد عمر چيو آه?? ته ملڪ کي انتشار مان ڪڍڻ جي لاءِ اليڪشن ضروري آه??، جمهوريت تي يقين رکندڙن کي پارليامينٽ جي بالادستي تي پڻ يقين رکڻ گهرجي، بي اعتمادي کانپوءِ وڻ وڻ جي ڪاٺي ڪيئن حڪومت ڪندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته مسلم ليگ (ن) 5 س??لن ۾ 57 لک روزگار پيد?? ڪيا تحريڪ انصاف پنهنجي ٽن س??لن ۾ بدترين ڪورونا وبا دوران 55 لک روزگار جا موقعا پيد?? ڪيا. اسان جي دور ۾ روانگي واپار گذريل ٻن دورن کان وڌيڪ آه??. واڌويجهه جي شرح 15 س??لن ۾ پهريون ڀيرو 5 سيڪڙو کان مٿي هلي وئي آه??. هن چيو ته اها سڄي جدوجهد جمهوريت جي نالي تي ٿي رهي آه??، ڪهڙي جمهوريت آه?? جنهن ۾ منحرف عورت ميمبر چوي ٿي ته 23 ڪروڙ رپين ۾ منهنجي زندگي سنورجي ويندي. ماڻهن جي ضمير جي ٻولي لڳائي خريد ڪيا وڃن ته اها جمهوريت آه??. سينيٽ جي اليڪشن سڀني جي سامهون چوري ٿي. ووٽ خريد ڪرڻ جو ثبوت موجود آه??، اسان ضمير فروشي جي خلاف ترميم جي لاءِ به انهن کي چيو ته ان جو دروازو بند ڪريو ته جيئن ڪو بندوق وارو نه ڪنهن کي کنڀي ۽ نه ووٽ جي ٻولي لڳي. هن چيو ته ست سمنڊ پار کان جنهن جمهوريت جي لاءِ ويٺل فيصلو ڪن ته هي وزيراعظم قبول ۽ هي قبول نه آه??. ڪو خوددار پاڪستاني اهو تسليم نه ٿو ڪري سگهي. ڇا اهو پاڪستان جي آئين يا جمهوريت موجب ٿي رهيو آه??؟ هن وقت فرق پي ڊي ايم يا تحريڪ انصاف جو نه پر ٻن نظرين جو آه??، هڪ نظريو اهو چوي ٿو ته پاڪستان جا 22 ڪروڙ ڀڪاري ۽ ٻيو نظريو خودداري جو آه??. پاڪستان انهي ٻه واٽي تي بيٺل آه??. پاڪستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آه?? ته ڇا اهو آزاد، خودمختار ۽ خوددار پاڪستان هوندو يا اهو پاڪستان هوندو جتي ڪو ٻيو ملڪ ٻڌائي ته توهان کي ڇا ڪرڻو آه??. قوم کي خودداري ۽ آزادي سان علامه اقبال ۽ قائد جي خواب موجب پاڪستان ٺاهڻو آه??. جيڪي ماڻهو چئي رهيا هئا ته تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ وٺڻ وارو ڪير نه هوندو هاڻي اچو مقابلو ڪريو. حل تقريرن سان نه ووٽ سان نه نڪرندو. هن چيو ته نبي ﷺ جا امتي آه??ون اسان انگ جي بنياد تي گهٻرائڻ وارا نه آه??ون. ملڪ کي انتشار مان ڪڍڻ جي لاءِ اليڪشن ضروري آه??. بلاول ڀٽو جي ان ڳالهه سان اتفاق آه?? ته ووٽ سان مسئلن جو حل ڪڍو. هن چيو ته جيڪا روايت شروع ڪئي وئي آه?? اها رڪجڻ واري نه آه??. پوءِ 15 ارب ۾ اهو ڪم ڪير به ڪري سگهي ٿو، ان سياست جي پڄاڻي ڪا سٺي نظر نه اچي رهي آه??. هن مخالف ڌر کي چيو ته اها اليڪشن ۾ اچي. هن چيو ته جمهوريت تي يقين رکندڙن کي پارليامينٽ جي بالادستي تي به يقين رکڻ گهرجي. قومي سلامتي ڪميٽي ۾ سڀ کان اڳ مخالف ڌر اڳواڻ کي گهرايو ويو. ان بابت نه ٿا چئي سگهو ته کيس دعوت نه ڏني وئي. ان اجلاس ۾ سموري ليڊرشپ کي گهرايو ويو هو پر اهي نه آيا. هن چيو ته اڃا به وقت آه?? ان ميمو تي ان ڪئميره بريفنگ جي لاءِ اجلاس گهرايو. هن قوم کي چيو ته هي جدوجهد پاڪستان جي بقاءَ، آزادي ۽ خودمختياري جي لاءِ آه?? اها ڪنهن بي اعتمادي جي قرارداد جي تابع نه آه??. عمران خان اها جدوجهد جاري رکندو ۽ هي ميمبر ان سان گڏ بيٺل رهندا، پور?? قوم ان سان گڏ بيـٺل هوندي.
ملڪ کي انتشار مان ڪڍڻ جي لاءِ اليڪشن ضروري آهن: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج