اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ننڍي ۽ ڪاٽيج انڊسٽري کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان جي نتيجي ۾ نه رڳو ماڻهن کي روزگار ملندو پر ان جا ملڪي معيشت تي به مثبت اثر پوندا، موجوده درآمدي منڊين ۾ پنهنجي پهچ کي وڌائڻ ۽ نئين برآمدي منڊين جي ڳول?? سان ملڪ جي صنعتي ۽ ڪا??وباري شعبن ۾ نمايان بهتري آئي آهي، معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ سان ٽيڪس جا وڏا مسئلا حل ٿيندا ۽ ٽيڪس عملدارن جي استحصال ۽ بدانتظامي کي گهٽ ڪري سگهبو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سرگوڌا چيمبر آف ڪ??مر?? اينڊ انڊسٽري (ايس سي سي آءِ) جي اهتمام هيٺ منعقد اچيومينٽ ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سرگوڌا چيمبر جي صدر چوڌري شعيب احمد بسرا پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ سفارتڪارن، ايس سي سي آءِ جي عه??يدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هائي ٽيڪ ڪا??وباري عمل کي متعارف ڪرائڻ ۽ اختراعي آئيڊياز جي ذريعي ڪا??وبار ۾ آساني پيدا ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان ۾ ننڍي، وچولي ۽ وڏي صنعتن کي ترقي ڏئي ملڪي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته واپارين کي نوجوانن جي هنرمندي سان گڏوگڏ ننڍي ۽ ڪاٽيج انڊسٽريز جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پاڪستان اي او ڊي بي انڊيڪس ۾ پنهنجي درجابندي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن. هن واپاري برادري کي چيو ته اها رضاڪاراڻي طور تي واجب الادا ٽيڪس ادا ڪن جيڪو حڪومت کي رستن، يوٽيليٽيز ۽ ٻين خدمتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سرمايو فراهم ڪندو ۽ ان سان واپاري برادري کي مقامي ۽ عالمي مارڪيٽنگ ۾ پنهنجي ڪا??وباري عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ قيمتن ۾ هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر عارف علوي ڪا??وباري برادري تي زور ڏنو ته اها معيشت جي ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ ڪم ڪري، معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ سان ٽيڪس جا وڏا مسئلا حل ٿيندا ۽ ٽيڪس عملدارن جي استحصال ۽ بدانتظامي کي گهٽ ڪري سگهبو. صدر چيو ته مسلمان دنيا سدائين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۾ دير ڪئي آهي، آءِ ٽي ملڪ جو مستقبل آهي ۽ اسان کي دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ زندگي جي سمورن شعبن ۾ نئين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عورتن کي ڪا??وباري سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ لازمي آهي، ڪو به ملڪ پنهنجي اڌ آبادي کي پٺتي ڇڏي ترقي جي راهه تي گامزن نه ٿو ٿي سگهي، واپاري برادري ۽ صنعتڪار پنهنجي ڪا??وباري پاليسين ۾ سماجي ڀلائي کي اولين ترجيح ڏين ۽ پنهنجي پنهنجي علائقن جي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته صنعت ۽ ڪا??وبار ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي صنعتڪارن ۽ واپارين کي 30 سيڪڙو جي بلند ترين برآمدي واڌويجهه ۽ گذريل سال 32 ارب ڊالر جو برآمدي هدف حاصل ڪرڻ تي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته واپاري برادري ملڪ جي ??مر??ئی_کی_خوش_قسمتی۔/121390.html">?ڌن??ڙ واپاري خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. صدر چيو ته موجوده برآمدي منڊين ۾ پنهنجي پهچ کي وڌائڻ ۽ نئين برآمدي منڊين جي ڳول?? سان ملڪ جي صنعتي ۽ ڪا??وباري شعبن ۾ نمايان بهتري آئي آهي، حڪومت واپاري برادري کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ اها ڪا??وبار ۾ آساني ۽ واپارين جي سرپرستي جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال هجڻ سان گڏوگڏ مناسب انساني وسيلا پڻ رکي ٿو جنهن کي جيڪڏهن معياري تعليم ۽ هنر فراهم ڪيو وڃي ته ملڪ جي صنعتي ۽ ڪا??وباري شعبن ۾ انتهائي ضروري چٽاڀيٽي پيدا ٿي سگهي ٿي. صدر ملڪ جي چيمبرز خاص طور تي سرگوڌا چيمبر آف ڪ??مر?? اينڊ انڊسٽري جي علائقي جي واپارين جي رهنمائي کي ساراهيندي چيو ته چيمبرز آف ڪ??مر?? اهم ادارا آهن جن ڪا??وباري برادري کي صنعتي ۽ ڪا??وباري شعبي کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ ۽ پنهنجي مصنوعات ۽ خدمتن جي لاءِ غيرملڪي منڊين کي ڳولڻ جي لاءِ موثر فورمز سان گڏ ويزن ۽ قيادت فراهم ڪئي آهي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ مختلف ڪمپنين، ڪا??وباري ادارن ۽ چيمبر جي نمائندن کي نمايان ڪا??ڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ايوارڊ ڏنا.
صدر پاران ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ننڍي ۽ ڪاٽيج انڊسٽري کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو