نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ مشڪل انساني صورتحال ۾ پاڪست??ن جي مدد جاري رکڻ ??ي عزم جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ٻوڏ متاثر??ن جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪست??ن جي حمايت تي آمريڪي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم شهب??ز شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ملاقات ٿي، اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ سوين فوتگين تي افسوس ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهب??ز شريف آمريڪي صدر پاران افسوس ۽ همدردي جي اظهار تي ??ن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻوڏ متاثر??ن جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪست??ن جي حمايت تي آمريڪي صدر جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم آمريڪا ??ي عالمي ترقي واري اداري (يو ايس ايڊ) جي سربراهه جي پاڪست??ن جي دوري ۽ امداد موڪلڻ تي پڻ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.
آمريڪي صدر پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ مشڪل انساني صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی