اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ج?? لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم ??نه??جي شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فوج جي شهيد اهلڪارن جي پونئيرن سا?? ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر شهيدن جي فرض شناسي ۽ بهادري تي انهن کي سلام پيش ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 15 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سا?? ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن لانس نائيڪ شعيب علي ۽ سپاهي رفيع الله جي ڀائرن سا?? رابطو ڪيو. صدر شهيدن جي ملڪ ج?? لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم ??نه??جي شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي در??ن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن پونئيرن سا?? همدردي جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.
صدر پاران ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ