اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي جي لاءِ پاڪستان حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وز??راعظم انوارالحق جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وز??راعظم شهباز شريف انوارالحق کي آئيني ۽ جمهوري عمل جي ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وز??راعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وز??راعظم محمد شهباز شريف وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چي?? ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي جي لاءِ پاڪستان حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي. وز??راعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقياتي فنڊز جي حوالي سان مسئلا جلد کان جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وز??راعظم چي?? ته پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان حڪومت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي لاءِ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. هن چي?? ته ڀارت پنهنجي غاصباڻي حربن سان ڪشميرين جو آواز دٻائي نه ٿو سگهي، 5 آگسٽ 2019ع ڀارت جو غيرقانوني قدم انساني حقن تي ڪاري ضرب آهي، گڏيل قومن سميت عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان سدائين گڏ بيٺل رهندي. وز??راعظم چي?? ته اسان هر عالمي فورم تي ڪشميرين تي ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو. وفد ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جا وز??ر ڪرنل (ر) وقار نور، فيصل ممتاز راٺور، قانونساز اسيمبلي ميمبر چوڌري لطيف اڪبر شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر شاهه غلام قادر، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو اڳوڻو وز??راعظم راجا فاروق حيدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي (آزاد ڄمون ۽ ڪشمير) جو صدر چوڌري ياسين موجود هئا. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وز??ر سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وز??ر احسن اقبال، وز??راعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره پڻ موجود هئا.
پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا