اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي قبائلي علائقن جي ضم ٿيل ضلعن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ڪري اڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صحت ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي فاتا جي ضم ٿيل ضلعن جي قبائلي اڳواڻڻ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. قبائلي اڳواڻن جو تعلق مهمند، باجوڙ، خيبر، اورڪزئي، ڪرم، ڏکڻ وزيرستان، اتر وزيرستان ۽ ايف آر پشاور/ ڪوهاٽ سان هو. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي قبائلي ضلعن کي نظرانداز ڪيو ويو، اڳوڻو فاٽا پٺتي پيل آهي، ان جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي ڪري اڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صحت ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا، خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي صحت ۽ تعليم جي شعبن کي ترجيحي بنيادن تي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي، علائقي جي ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لا??ِ قدم کڻڻ گهرجن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قبائلي علائقن جي ماڻهن ۾ محرومي جو احساس ختم ڪرڻ جي لا??ِ خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۽ ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لا??ِ انهن ک?? روزگار جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ملڪ جي لا??ِ اڳوڻي فاٽا جي عوام جي قربانين کي پڻ ساراهيو. قبائلي اڳواڻن صدر کي علائقي جي رهواسين کي ??رپ??ش مختلف مسئلن کان آگاهه ڪندي چيو ته ضم ٿيل ضلعن جا ماڻهو رستن، تعليم، صحت ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ جي ڪري مشڪلاتن جو شڪ??ر آهن. قبائلي اڳواڻن چيو ته دهشتگردي جاني ۽ معاشي نقصانن، اندروني چرپر ۽ ماڻهن ک?? روزگار جي ذريعن کان محروم ڪري انهن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو. هن چيو ته علائقي ۾ ترقي جي صلاحيت موجود آهي جنهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. قبائلي وفد علائقي ۾ سمورن ترقيات?? ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران اڳوڻي فآٽا جي لا??ِ فنڊز کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي.
دهشتگردي جي ڪري اڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صحت ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب