اسلام آباد -12 آگسٽ (ا?? پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ) کي سيڪيورٽي گارڊ کان معافي وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته مان پاڪستان جي صدر جي حيثيت سا?? معافي گهران ٿو. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف اي او بي آءِ جي درخواست تي پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي، ته اي او بي آءِ پينشن جي حاصلات لاءِ سيڪيورٽي گارڊ کي آفيس جي اڱڻ ۾ د??خل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن پنهنجي غريب، مخالف ۽ غير دوستاڻي طرز عمل تي گهري نظر وجهي، هڪ عام مزدور ک?? پينشن لاءِ سا??ن تائين انتظار ڪرائڻ شرمناڪ عمل آهي. صدر مملڪت چيو ته شڪايت ڪندڙ جي فائيل گم ٿيڻ سبب سا?? گذري ويا آهن، فائيل سفارش ڪرائڻ تي ڳولهي وئي. واضح رهي ته سيڪيورٽي گارڊ افتخار حسين هڪ نجي سيڪيورٽي ايجنسي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ افتخار حسين 2008ع ۾ سروس دوران حادثي جو شڪار ٿي معذور ٿي ويو هو. بعد ۾ سيڪيورٽي گار?? پينشن لاءِ اي او بي آءِ سا?? رجوع ڪيو، جڏهن ته اي او بي آءِ پينشن گرانٽ جي ادائگي کان انڪار ڪندي چيو ت?? افتخار حسين جي ملازمت 15 سا??ن کان گهٽ آهي، ان لاءِ هو صرف اولڊ ايج گرانٽ جو حقدار آهي جنهن تي رٽائرڊ سيڪيورٽي گارڊ وفاقي محتسب سا?? رابطو ڪيو. وفاقي محتسب اي او بي آءِ کي ڪيس تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف اي او بي آءِ صدر مملڪت وٽ اپيل دائر ڪئي جنهن کي صدر مملڪت اڪلائيندي چيو ته هڪ عام مزدور (سيڪيورٽي گارڊ) کي انصاف لاءِ ڪيترائي سا?? انتظار ڪرڻو پيو آهي. صدر مملڪت چيو ته اهو ڄاڻي انتهائي مايوس ٿيو آهيان ته سيڪيورٽي گارڊ جڏهن پنهنج?? پينشن جي پيروي لاءِ آفيس ويو ته ان کي اي او بي آءِ جي آفيس ۾ د??خل ٿيڻ جي به اجازت نه ڏني وئي. هڪ رٽائرڊ آفيسر جي مداخلت کان پوءِ شهري کي آفيس م داخل ڏني وئي. هن چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران اي او بي آءِ جي نمائندي خاطري ڪرائي آهي ته سيڪيورٽي گارڊ جي شڪايت تي قانون مطابق غور ڪيو ويندو. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي اي او بي آءِ جي اپيل کي اڪلائيندي حڪم ڏنو ته سيڪيورٽي گارڊ جي پينشن جي معاملي کي اداري جي چيئرمين بدران اداري جي اٿارٽي آڏو پيش ڪيو وڃي.
صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جي اي او بي آءِ کي سيڪيورٽي گارڊ کان معافي گهرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ