اسلام آباد -27 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته بلوچستان ٻن پاڙيسري ملڪن ۽ گوادر بندرگاهه سبب واپار لاءِ نهايت فائديمند عل??ئقو آهي، بلوچستان ۾ صنعت?? انقلاب جي شروعات لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون. اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالها??ين??ي ڪيو. ملاقات ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ اهم ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان نه صرف پاڪستان ۾ ايراضي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو آهي پر ٻن پاڙيسري ملڪن ۽ گوادر بندرگاهه سبب پڻ واپار لاءِ نهايت بهترين عل??ئقو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ معدنيات جا ڪيترائي ذخيرا ۽ وڏي پئماني تي زرعي ايراضي هئڻ سبب صنعتن جو مرڪز هجڻ گهرجي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي مختصر وقت م ڀرپور ڪوشش ڪندي ته بلوچستان ۾ صنعت?? انقلاب جي شروعات ٿئي. هن چيو ته تازو ئي قائم خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل مان بلوچستان کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئ?? ويندي.وفد وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ڪاروباري برادري کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو.
بلوچستان ۾ صنعتي انقلاب جي شروعات لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں