جده-25 جنوري (اي پي پي) سعودي صحت وار?? وزارت مقامي شهرين ۽ رهندڙ پرڏيهين کي چيو آهي ته اهو امڪاني طور تي مستقبل ۾ پکڙجندڙ اڻڄاتل وبائي مرض ايڪس بيماري سبب ڳڻتي ۾ مبتلا نه ٿين. ايس پي اي موجب سعودي صحت وار?? وزارت بيان ۾ چيو ت?? ايڪس بيماري ان قدر خطرناڪ ناهي جيترو صحت واري عالمي اداري جي بيان مان محسوس ٿئي ٿي. صحت وار?? وزارت چيو ته صحت واري عالمي اداري جو بيان فرضي منظرنامي ۽ تخيلاتي صورتحال تي ٻڌل آهي. بيان ۾ چيو ويو ته ان طرح جي خبر هر سال جاري ڪئي ويندي آهي، صحت وار?? وزارت اڻڄاتل مرض کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح سان تيار رهندي آهي ۽ هر طرح جي صورتحال تي مسلسل نظر رکندي آهي. صحت وار?? وزارت چيو ته صحت واري عالمي اداري ۽ صحت ج?? ماهرن گذريل ڏهاڪن دوران جيڪي بيان ڏئي رهيا آهن انهن جو مقصد هي آهي ته سڄي دنيا جا ملڪ پنهنجي صحت واري نظام کي بهتر بڻائين. صورتحال تي نظر رکڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر انتظام جو بندوبست ڪن.
مقامي شهري ۽ ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهي ايڪس بيماري سبب ڳڻتي ۾ مبتلا نه ٿين: سعودي صحت واري وزارت
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena