اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت مثبت بحالي سان مستحڪم ٿي آهي ۽ هي 2013ع ۾ موجوده ??ڪو??ت جي ورثي ۾ ملندڙ ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، پاڪ – چين اقتصادي لنگهه تحت مختلف منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان خاص طور تي پاڪستان ۽ عام طور تي خطي کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته سندس ??ڪو??ت بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ مواص??ات?? رابطا وڌائڻ لاءِ توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جا وڏا وڏا منصوبا شروع ڪيا. هن چيو ته موجوده ??ڪو??ت بجلي جي کوٽ تي گهڻي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آهي ۽ 2018ع تائين لوڊشيڊنگ تاريخ جو حصو بڻجي ويندو، هن چيو ته اسان موٽر ويز، شاهراهن ۽ بينادي ڍانچي جي ٻين منصوبن تي به وڏو سرمايو لڳائي رهي?? آهيون، ملڪ خاص طور تي ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي، هن چيو ته 2017ع ۾ پاڪستان 2013ع جي پاڪستان کان گهڻو مختلف آهي، هن چيو ته اسان جي ??ڪو??ت بلوچستان جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي،
پاڪستان جي معيشت مثبت بحالي سان مستحڪم ٿي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز