دوشنبي – 19 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان گڏيل واپار کي 50 ڪروڙ ڊالر تائين وڌائڻ، فض??ئي سروس جي بحالي ۽ ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته ان وچن کي پڻ ورجايو ويو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. اهو اتفاق راءِ صدر ??منون حسين ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو ويو. ملاقات کانپوءِ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر ??منون حسين تاجڪستان جي دوري جي دعوت تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيندي تاجڪستان جي صدر، سندس حڪومت ۽ عوام کي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي د?? جي گهر??ئي سان مبارڪباد پيش ڪئي.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش