اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي راب??ا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي ماهوار بن??ادن بدران هر 15 ڏينهن کانپو??ِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا کان منظوري کانپو??ِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ کان لاڳو ٿيندو، اجلاس ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن ذريعي ٽي لک ٽن کنڊ جي درآمد جي منظوري پڻ ڏني وئي. اقتصادي راب??ا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ توانائي واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي هر مهيني بدران هر 15 ڏينهن کانپو??ِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ٽن لک ٽن ريفائن کنڊ جي درآمد بابت تجويز جي منظوري ڏني وئي ته جيئن اڳتي ڪريشنگ سيز کان اڳ کنڊ جي وڏي مقدار ۾ ذخيري کي برقرار رکي سگهجي ۽ کنڊ جي کوٽ کان محفوظ رهي سگهجي. اجلاس ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جي لاءِ هر 15 ڏينهن کانپوءِ پليٽ اوسط جي بن??اد تي نئون طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپو??ِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ 2020ع کان لاڳو ٿيندو، ان طريقيڪار تحت ريفائنريز ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي ٽن مهينن جي منصوبابندي بهتر انوينٽري انتظام ۽ انصرام، سيلز جي بهتر رپورٽنگ ۽ اسٽاڪ جي ضرورتن، شفافيت، قيمتن جي واضح صورت ۽ ڪنهن هڪ آئل مارڪيٽنگ ڪمپني تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. موجوده نظام تحت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين مهيني جي بن??ادن تي ريفائنريز کي تيل صاف ڪرڻ کان اڳ جي قيمت جي اعلان جي اجازت تحت ٿئي ٿو جڏهن ته ان جي لاءِ اها شرط رکي وئي آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمت پي ايس او جي گذريل مهينن جي حقيقي اوسط درآمدي قيمتن کان وڌيڪ نه هجي.
اي سي سي پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي هر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني جي تجويز منظور
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ