ا??لا?? آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ تعميرات جي شعبي ۾ حڪومتي مراعاتي پئڪيج جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين ۽ مختلف هائوسنگ منصوبن جي تعمير جي حوالي سان جائزه اجلاس ا??لا?? آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد ??ما?? اظهر، ??امونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪاروباري برادري جي نمائندگي ناليواري ڪاروباري شخصيت عار?? حبيب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي پاليسين جي ڪري معاشي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي. ڪورونا جي ڪري نه رڳو علائقائي پر سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي پر حڪومت جي بهتر حڪمت عملي جي ڪري جتي ڪورونا جي نقصانن کي هر ممڪن حد تائين روڪيو ويو اتي ڪورونا ۾ گهٽتائي آڻڻ کانپوءِ ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌي رهيون آهن. ان حوالي سان عار?? حبيب فرٽيلائيزرز، اسٽيل جي شعبي، ريئل اسٽيٽ ۽ ٻين شعبن ۾ جولاءِ جي مهيني ۾ سامهون ايندڙ بهتري بابت وزيراعظم کي بريف ڪيو. عار?? حبيب ڪاروباري برادري ۽ خاص طور تي تعميراتي شعبي سان واڳيل ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن جي نمائندگي ڪندي حڪومت پاران مراعاتي پئڪيج، سهولتڪاري ۽ نظام کي آسان بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت پاران تعميرات جي شعبي ۾ تاريخي مراعتن ۽ سهولتڪاري سان ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ تعميرات جي شعبي بابت جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil