پشاور – پهرين مارچ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??نيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سڀئي لاڳاپيل ادارا سينيٽ چونڊن ۾ اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪري بابت ٿيندڙ ڪوششن تي نظر رکڻ لاءِ متحرڪ آهن، جيڪو به ان اليڪشن ۾ بدعنواني جو سهارو وٺندو يا بدعنواني جي ڪوششن جو شڪار هوندو ان جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اطلاعات واري خصوصي صلاحڪار ڪامران بنگش سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر شبلي فراز چيو ته س??نيٽ چونڊن جي حوالي سان صدارتي ريفرنس بابت سپريم ڪورٽ جي راءِ تاريخي اهمي?? رکندڙ آهي ۽ ان راءِ مان اهو لڳي ٿو ته س??نيٽ چونڊون آئين جي آرٽيڪل 226 تحت ئي ٿينديون، تنهن هوندي به س??ريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ اليڪشن جي شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ٻيا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته س??ريم ڪورٽ چئي ڇڏيو آهي ته ”سيڪريسي آف بيلٽ“ دائمي ناهي، تنهن ڪري هاڻي اها اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته ??و ڪهڙي طرح اهو يقيني بڻائي ٿو ته بليٽ پيپرز جي سيڪريسي دائمي نه رهي. هن چيو ته ??ي ٽي آءِ جو نظريو آهي ته ??لڪ ۾ هر حوالي سان شفافيت ۽ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪرپشن فري سوسائٽي جي قيام طرف وڌيو وڃي، تنهن هوندي به هن وقت ملڪ ۾ ٻن نظرين جي جنگ وڙهي پئي وڃي، هڪ نظريو پي ٽي آءِ جو آهي جنهن سان گڏ هو ساڄي طرف بيٺل نظر اچي ٿي، جڏهن ته ??يو نظريو مخالف ڌر جو آهي جيڪا ”اسٽيٽس ڪو“ چاهي ٿي ۽ ضمير خريد ڪرڻ جي سياست جي فروغ تي يقين رکي ٿي، ان نظريي سان مخالف ڌر کاٻي طرف بيٺل نظر اچي ٿي. هن چيو ته ان نظريي تحت اسلام آباد کان سينيٽ جي سيٽ تي مخالف ڌر پنهنجو اميدوار لاٿو آهي ۽ مخالف ڌر جي ڪوشش آهي ته ??مبر گيم ۾ گهٽ هجڻ جي باوجود ميرٽ جو قتل عام ڪري ان اميدوار کي جيڪو بدعنواني ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ ۾ملوث رهيو آهي، کي ڪامياب ڪرايو وڃي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته ??خالف ڌر اميدوار جي مقابلي ۾ اسلام آباد سيٽ لاءِ حڪومتي اميدوار حفيظ شيخ ايماندار ۽ قابل ماڻهو آهي ۽ هو ڪامياب ٿيندو، هن چيو ته عام چونڊن وانگر س??نيٽ چونڊن ۾ به ووٽرز شخصيتن کي نه پر عمران خان جي نظريي کي ووٽ ڏيندا ۽ عمران خان پاران ميدان ۾ لاٿل اميدوار ڪامياب ٿيندو.
سڀئي لاڳاپيل ادارا سينيٽ چونڊن ۾ اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪري بابت ٿيندڙ ڪوششن تي نظر رکڻ لاءِ متحرڪ آهن: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا