اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ هن طالبان سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٺوس حڪومت پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي. هن اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ چئي آهي. وزيراع??م چيو ته دوشنبي ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتن خاص طور تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ڊگهي ڳالهه ٻوله?? کانپوءِ هن هڪ شموليتي حڪومت جي لاءِ تاجڪ، هزاره ۽ ازبڪ برادري جي افغان حڪومت ۾ شموليت جي لاءِ طالبان سان ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وزيراع??م چيو ته 40 سالن جي ويڙه?? کانپوءِ (انهن ڌڙن جي اقتدار ۾) شموليت هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ