اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحران جي پيش نظر عالمي برادري کي ??وري قدم کڻڻا پوندا، جيڪ??هن افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متاثر ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب ميولوت چاوش اولو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپ?? جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جهڙي فور?? جي موجودگي، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي ??ڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪشمير مسئل?? جي حوالي سان ترڪ?? جي اصولي موقف ۽ پاڪستان جي موقف جي مسلسسل ۽ اڻٽر حمايت تي ترڪ قيادت جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، ترڪ قيادت پاران عالمي سطح تي مظلوم ڪشميرين جي حمايت سان انهن جا حوصلا بلند ٿيا، هن چيو ته وڌندڙ اسلامو فوبيا جي رجحان ۽ نفرت انگيز بياني کي چيڀاٽڻ لاءِ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جهڙن فورمن تي پاڪستان ۽ ترڪ?? جي گڏيل ڪوششون اطمينان جو باعث آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحران جي پيش نظر افغانين لاءِ معاشي ۽ انساني مدد جي غير مشروط فراهمي کي ??قيني بڻائڻ لاءِ عالمي برادري کي ??وري قدم کڻڻا پوندا، جيڪ??هن افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متاثر ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان عالمي برادر?? جي مدد کانسواءِ پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود گذريل 40 سالن کان 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو پيو اچي، اسان جي معيشت وڌيڪ پناهگيرن جو بار نٿي کڻي سگهي، پاڪستان خط?? جي امن ۽ استحڪام لاءِ افغانستان ۾ قيام امن کي اڻٽر سمجهي ٿو.
افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحران بابت عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻا پوندا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ