اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي جو هنگامي پلان 24 ڪلاڪن ۾ طلب ڪري ورتو آهي. توانائي، پيٽروليم ۽ خزاني جي وزيرن جي ڪميٽي کي وزيراعظم قابل عمل پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته لوڊشيڊنگ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي جي پلان تي موثر عملدرآمد ڪرائينداسين. وزيراعظم جي صدارت ۾ پنج ڪلاڪ ڊگهي جاري رهندڙ اجلاس ۾ سموري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي مجموعي صورتحال تي وزيراعظم کي تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو، صنعت ۽ گه??يل?? صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي بريفنگ ??ني وئي، م??يم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم لاڳاپيل وزيرن کي صنعت ۽ گه??يل?? صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ توازن ??ڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙو پلان جوڙيو جنهن سان عوام کي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي پاڻ محسوس ٿئي.
وزيراعظم لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي جو هنگامي پلان 24 ڪلاڪن ۾ طلب ڪري ورتو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil