اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) سينيٽ چي??رمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪورونا ??ائ??س کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري جو بروقت تعاون مثالي رهيو، پاڪستان هن خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري جي نمائيندي ڊاڪٽر پليٿا گونراٿنا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا ??ائ??س جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر پليٿا سينيٽ چي??رمين کي ڊبليو ايڇ او جي پاڪستان ۾ منصوبن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ان خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي سينيٽ چي??رمين چيو ته ڪورونا ??ائ??س کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊبليو ايڇ او جو وقت سر ت??اون مثالي رهيو. اميد آهي ته ڊبليو ايڇ او پاڪستان جي لاءِ تعاون جي فراهمي جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستاني عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ صحت جي عالمي اداري سدائين مدد ڪئي آهي. پوليو جي خاتمي وارن قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. سينيٽ چي??رمين ڪورونا ??ائ??س (ڪووڊ 19) ويڪسين تائين پهچ لاءِ بھترين تعاون فراهم ڪرڻ تي ڊاڪٽر پليٿا جو ٿورو ادا ڪيو.
ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري جو بروقت تعاون مثالي رهيو: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات