اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني ڄمون ۽ ڪشمير جي آزاد رياست جي 75هين تاسيس ڏهاڙي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ڪش??ير?? عوام آزادي جي جدوجهد جي ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو بنياد رکيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو بنياد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪش??ير?? عوام ڀارتي قبضي کان آزادي چاهي ٿي. ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جو سفر اڃا جاري آهي. ڪش??ير?? عوام پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. اسپيڪر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪش??ير?? عوام جي خودمختياري جي حق تي راتاهو هنيو ۽ ڀارت لک??ن غيررياستي رهواسين کي ڊوميسائيل جاري ڪري گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي. ڀارت غيررياستي رهواسين کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊوميسائيل جاري ڪري مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪش??ير?? عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي هر فورم تي ڪش??ير??ن جي حقن لاءِ ڀرپور طريقي سان آواز بلند ڪري رهيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڀارتي حڪومت جي رياستي دهشتگردي ڪش??ير??ن جي عزم کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ پارليامينٽ سدائين ڪشمير جو ڪيس هر فورم تي ڀرپور انداز ۾ وڙهيو آهي. خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو ڪش??ير?? عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ضروري آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي آزاد رياست جي 75 هين تاسيس ڏهاڙي تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد