اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شاباس ڏني آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زيرا??ظم دهشتگرد حملي جو سخت نوٽيس وٺي ورتو، سنڌ جي وڏي وزير کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيرا??ظم دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شاباس ڏني. وزيرا??ظم شهباز شريف وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان کي دهشتگردن جي خلاف آپريشن ڪلين اپ ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ جي لاءِ پوري رياستي قوت ۽ حصيداري عمل کي استعمال ۾ ??ڻڻ?? پوندو. وزيرا??ظم چيو ته دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي کي نشانو بڻايو آهي، اهڙي طرح جي بزدلاڻي ڪاررواين سان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ارادن ۽ عزم کي ٽوڙي نه ٿو سگهجي، پوري قوم پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. وزيرا??ظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي صحتيابي جي دعا ڪئي.
وزيراعظم پاران ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز